انند ڀيرو/ انند ڀيرون

انند ڀيرو/ انند ڀيرون: ڀيرو راڳ جو قسم ۽ سمپورن راڳڻي آهي . هي راڳ به مشر ميل آهي ، جنهن ۾ بلاول اترانگ ۾ ۽ ڀيرو پور وانگ ۾ ملايل آهن ، جيئن ته ڀيرو جو قسم آهي ، ان لاءِ ڀيرو جو انگ دربل رکڻ ضروري اهي ۽ بلاول جو انگ ڪي قدر دٻيل هجي ته چڱو . هن راڳڻيءَ ۾ اگر دَيوت تيور ڪجي ته مشهور راڳ سور ڪانت جي صورت وٺندو ، جيڪو هاڻي رواج ۾ ڪو نه آهي . هن جو خاص سرگم: سا . را را . سا- ني ڌي پِا – سا- گي را گي ماپا ما گي را- را- سا آهي . هن جي آروهي سارا گي ما پا ڌي ني سَا ۽ امروهي ساني ڌي پا ما گي را سا آهي ، جڏهن ته وادي سُر کرج ۽ سموادي سُر ڌيوت آهي .




هن صفحي کي شيئر ڪريو